اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ڪشمير جي خودمختياري و??ري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي و??ير چوڌري فواد حس??ن چيو ته ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشمير عوام اڄ خودمختياري جو ڏينهن ملهائي رهي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل 5 جنوري 1949ع تي اڄوڪي ڏينهن تي قرارداد جي ذريعي ڪشميري عوام کي اهو حق ڏنو هو ته هو پنهنجي مرضي موجب پنهنجي مس??قبل جو فيصلو ڪر?? سگهن ٿا. اڄ ڪشميري عوام سان ڪيل واعدي کي 73 سال گذري ويا پر افسوس ته اهو واعدو اڃان تائين پورو نه ٿي سگهيو. چوڌري فواد حس??ن چيو ته گڏيل قومن جي قرارداد جا 73 سال پورا ٿيڻ تي ڀارت ڪٺ پتلي حد بندي ڪميشن جي خلاف احتجاج روڪڻ لاءِ ڪشميري قيادت جي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪر?? رکيو آهي، ڀارت ڪشمير کي هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪر?? ڇڏيو آهي، جتي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ، حريت اڳواڻن کي نظربند ڪرڻ ۽ ڪر??يو ۽ پابنديون لڳائڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪسمير جي حد بندي مذهب جي بنياد تي تبديل ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي رهيو آهي، چوڌري فواد حس??ن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري عوام تي بدترين مصيبتون ۽ ظلم ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جا منتظر آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجا واعدا پورا ڪر??. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان ان عزم جو اظهار ڪر??ون ٿا ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين ان جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.