اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين لاهور پريس ڪ??ب جي چونڊن ۾ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، اظهار راءِ جي آزادي سان گڏوگڏ م??ڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ جي ضرروت آهي، حڪومت صحافين کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، صحافي برادري کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊز فراهم ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چئي، وفاقي وزير لاهور پريس ڪ??ب جي چونڊن ۾ اعظم چوڌري کي صدر، سليمان قريشي ۽ ناصره عتيق کي نائب صدر، عبدالمجيد ساجد کي سيڪريٽري، سالڪ نواز کي جوائنٽ سيڪريٽري، شيراز حسنات کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي ۽ گورننگ باڊي جي نون چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد ڏني. هن چ??و ته صحافين جي اجتماعي ۽ انفرادي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوششون ج??ري رکنداسين، ميڊيا صنعت کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ شفاف ۽ پائيدار پاليسي تي عمل پ??را آهيون. چوڌري فواد حسين چ??و ته صحافي معاشري جي مسئلن کي اجاگر ڪندا آهن، ميڊيا جي نشاندهي تي ئي حڪومت مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪ??و ته صحافين جي نئين چونڊيل قيادت پنهنجي پيشي ۽ ساٿي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندي رهندي.