اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) ا??وا?? صدر جي جامع مسجد مان جمعي جي خطبي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته شرعي اصولن جي پابندي سان صحت، صفائي، ماحول، ملاوٽ ۽ رشوت جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، ان حوالي سان انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر شاهه جنيد هاشمي ڪورونا وبا جي تناظر ۾ اجتماعي نظم ۽ ضبط ۽ شهرين جي ذميدارين جي موضوع تي جمعي جو خطبو ڏنو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي، ا??وا?? صدر جي آفيسرن ۽ ملازمن جمعي جي نماز ادا ڪئي. پروفيسر ڊاڪٽر شاهه جنيد هاشمي پنهنجي خطي ۾ خاتم النبين حضور اڪرم ﷺ جا ارشاد بيان ڪندي ??يو ته پنهنجي صحت کي بيماري کان پهرين غنيمت سمجهيو وڃي، صحت کي انسان لاءِ خير جو سبب هوندي آهي، هڪ صحتمند ماڻهو ٻين جي لاءِ نفي جو سبب بڻجندو آهي ۽ ڪنهن ??ي مٿان بار ناهي هوندو. هن ??يو ته خاتم النبين حضور اڪرم ﷺ ارشاد فرمايو ته تندرست ۽ توانا ماڻهو ڪمزورن ۽ بيمارن ماڻهن ??ان الله جي نظر ۾ اعليٰ آهي، انسان کي پنهنجي صحت جي نعمت جو قدر ڪرڻ گهرجي، هن ??يو ته بيماري اصل ۾ الله طرفان آزمائش هوندي آهي، اسلام جي تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا قدم کنيا ويا جنهن ??ان انساني صحت جي قدر معلوم ٿيندي آهي، جيڪا صحتمند معاشري لاءِ اهم آهي، اهڙي معاشري جي فروغ لاءِ اسان جي ذميداري آهي ته اسان انهن قدمن جي پيروي ڪريون هن ??يو ته ماهرن جي راءِ جو احترام ڪندي انهن کي اهميت ڏيڻ گهرجي، هن وڌيڪ ??يو ته صحت مند زندگي صفائي ۽ طهارت سان ٻڌل آهي، ان لاءِ اسلامي عبادتن لاءِ طهارت کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، خاتم النبين حضور اڪرم ﷺ جسماني صحت سان گڏوگڏ ماحول جي صفائي تي به خصوصي ڌيان ڏيڻ جي تلقين ڪئي آهي، هن ??وز مره جي استعمال جي شين جي معيار جي اهميت کي اجاگر ڪندي ??يو آهي ته ان حوالي سان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي خراب شين ۽ ملاوٽ جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن ??ي رهنمائي لاءِ ا??وا?? صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.