اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) قومي ا??يم??لي جي اسپيڪر اسد قيصر جي دعوت تي برٽس هاءِ ڪمشنر ڪرسچئين ٽرنر چشمه رائيٽ ??ئنڪ ڪينال تربيلا جو دورو ڪيو، قومي ا??يم??لي جي اسپيڪر اسد قيصر سان گڏ صوبائي ا??يم??لي ميمبر عاقب الله خان، ڪورٽ چيئرمين چوڌري اختر، وا??ڊا چيئرمين ۽ قومي ا??يم??لي جي اعليٰ آفيسرن برطانوي هاءِ ڪمشنر جو تربيلا ۾ استقبال ڪيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر ۽ قومي ا??يم??لي جي اسپيڪر اسد قيصر جي وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ برطانيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي ا??يم??لي جي اسپيڪر چيو ته منهنجو برٽش ڪائونسل پاڪستان سان پراڻو تعلق آهي، پاڪستان برطانيه سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جوخواهشمند آهي، موجوده حڪومت برٽس ڪائونسل جي تعا??ن سان پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ جاري منصوبن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، قومي ا??يم??لي جي اسپيڪر چيو ته موجوده حڪومت تعليم يافته انفرادي قوت پيدا ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، برٽس ڪائونسل پاران فني، پيشيوراڻي تعليم ۽ ٻين تعليمي شعبن ۾ تعاون واکاڻ جوڳو آهي، حڪومت پاڪستان تعليمي شعبي ۾ برطانيه پاران تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. اسپيڪر اسد قيصر چشمه رائيٽ ??ئنڪ منصوبي جي باري ۾ برٽس هاءِ ڪمشنر کي آگاهه ڪيو، ملاقات کانپوءِ برطانوي هاءِ ڪمشنر ۽ قومي ا??يم??لي جي اسپيڪر وا??ڊا گيسٽ هائوس تربيلا ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم ۾ ح??و ورتو. ان موقعي تي بريفنگ ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر کي ٻڌايو ويو ته تربيلا ۾ وڻڪاري مهم ۾ 15000 ٻوٽا پوکڻ جو منصوبو آهي، برطانوي هاءِ ڪمشنر موجوده حڪومت جي عوام دوست ماحول لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي، ان موقعي تي اسپيڪر پاران برطانوي هاءِ ڪمشنر جي اعزاز ۾ مانجهاندو به ڏنو ويو. ان کانپوءِ وا??ڊا ڪالوني تربيلا ۾ وا??ڊا چيئرمين ليفٽننٽ جنرل (ر) مزمل حسين تربيلا ڊيم تي برطانوي هاءِ ڪمشنر ۽ اسپيڪر اسد قيصر کي بريفنگ ڏني.