اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين چيو آهي ته يورپي يونين جي صدر وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪري ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته روس ۽ يوڪرين جي تڪرار ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري، وزيراعظم ان تي عملي قدم کڻندو، جهانگير ترين ۽ عليم خان پارٽي جا مضبوط ماڻهو آهن، ماڻهو پنهنجي سياست ڪندا رهندا آهن، مقامي ۽ پارٽي جي اندر سياست ٿيندي رهندي آهي، پشاور واقعي جي جوابدارن تائين پهچي ويا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪي سياسي صورتحال تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته پي ٽي آءِ ??ي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ سياسي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي غور ٿيو، اجلاس ۾ پشاور واقعي تي بريفنگ ڏني وئي، پشاور واقعي جي جوابدارن تائين پهچي ويا آهيون، اسان جي ??ورسز بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي تمام جلد جوابدارن تائين پهچ حاصل ڪئي. هن چيو ته ماسٽر پلانر سميت سمورن جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان کي يورپي يونين جي صدر ٽيليفون ڪال ڪئي، يورپي يونين جي صدر ان خواهش جو اظهار ڪيو ته يوڪرين ۽ روس تڪرار ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته يورپي يونين جي صدر جي ??زيراعظم عمران خان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه وڏي اڳڀرائي آهي، وزيراعظم عمران خان ان تي عملي قدم کڻندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان ۾ سياست ۾ سدائين ڪجهه نه ڪجهه لڳل رهندو آهي، هي بلبلو تمام جلد ڦاٽي ويندو. هن چيو ته جهانگير ترين ۽ عليم خان اسان جي ??ارٽي جا مضبوط ماڻهو آهن، اهي اسان جي ??ارٽي جو حص?? آهن. پارٽي جي اندر سياست ٿيندي رهندي آهي ۽ اهي پنهنجي سياست ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان جي ڪيترن ئي ايم پي يز جون انهن سان همدرديون، دوستيون ۽ پراڻا لاڳاپا آهن، وزيراعظم عمران خان سان عليم خان ۽ جهانگير ترين جا ويجها لاڳاپا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته ماڻهو پنهنجي سياست ڪندا رهندا آهن، مقامي سطح تي ۽ پارٽي جي اندر سياست ٿيندي رهندي آهي.