اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ جديد تحقيق ۽ آن لائين تعليم جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ تعليم جي شعبي ۾ انقلابي تبديلي کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته جديد دور جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز خاص طور تي مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا ايناليٽڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، روبونڪس ۽ آٽو ميشن جي ??يدان ۾ قوم کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) اسلام آباد بابت بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. نسٽ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) انجنيئر جاويد محمود بخاري صدر کي سائنس ۽ انجنيئرنگ جي ??عياري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته نسٽ پاڪستان ۾ پنهنجي ??وعيت جو پهريون بين المضامين تحقيقي مرڪز قائم ڪيو آهي ته جيئن محققين جي ايندڙ نسل کي ان جي ??هارت سان ليس ڪري سگهجي ۽ نئين معلومات ۽ ٽيڪنالاجيز تخليق ڪري سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته نسٽ هڪ گهڻ شعبا يونيورسٽي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ مختلف شعبن جهڙوڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي، سوشل سائنسز ۽ هيومنٽيز ۽ آرٽس، ڊيزائن ۽ آرڪيٽيڪچر ۾ تعليم فراهم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته يونيورسٽي پنهنجي ??ن پروگرامن ايم ايس انجنيئرنگ مئنيجمينٽ ۽ ايم ايس پيس اينڊ ڪانفليڪٽ اسٽڊيز آن لائين تعليم ذريعي پيش ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا اينالٽڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس، فنانس، مئنيجمينٽ ۽ مارڪيٽنگ ۾ فليگ شپ ڪورسز ۽ تربيت فراهم ڪري ملڪ جي ??يشيواراڻي ضرورتن کي پورو ڪ??ي رهي آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته مارڪيٽ جي ??ڌندڙ گهرج کي پورو ڪ??ڻ جي ??اءِ گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافي جي ??اءِ آن لائين تعليم جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪرڻ لازمي آهي. هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ شاگردن جي ??هارت کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ آءِ ٽي پروفيشنلز جي ??ڌندڙ گهرج کي پورو ڪ??ڻ سان گڏوگڏ ملڪي روانگي واپار کي به وڌائي سگهجي. هن نسٽ ۾ نيشنل سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ??ارڪ قائم ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ هائي ٽيڪ ڪمپنين پاران غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ سان گڏوگڏ جدت کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ اهڙي قسم جي ??نصوبن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر آءِ ٽي ۽ انجنيئرنگ جي ??ختلف شعبن ۾ سائنس جي تعليم جي ??عيار کي بهتر بڻائڻ جي ??اءِ يونيورسٽي جي انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيو.