اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته روزاني جنگ ??ي نيوز ڊيسڪ پا??ستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اسيمبلي ميمبرن جي منحرف ٿيڻ جي جعلي خبر ٺاهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جنگ ??خبار خبر ڏني ته تحريڪ انصاف جا 33 ميمبر منحرف ٿي ويا، انهن ۾ سردار نصرالله دريشڪ ۽ رياض فتيانه جا نالا به شامل هئا، انهن ميمبرن رپورٽر کان وضاحت گهري ته خبر پئي ته پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن جي فهرست واري فيڪ نيوز ان فائيل ناهي ڪ??ي پر اها ڊيسڪ تي تيار ٿي.