اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي چيو آهي ته چين ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن جي لاءِ اسلامي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪ??ڻ جي لاءِ تيار آهي. هن اها ڳالهه 48 هين او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ا??لاس کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي چئي. چيني پرڏيهي وزير چيو ته چين ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي بابت مسلمان د??يا جي امنگن ۾ شريڪ آهي. هن افغانستان ۾ امن ۽ ڊگهي مدي واري ا??تحڪام جي لاءِ چين جي خواهش کي پڻ ورجايو. چيني پرڏيهي وزير چيو ته سندس ملڪ مسلمان د??يا ۾ 600 منصوبن ۾ 400 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چين اسلامي د??يا کي ويڪسين جي 300 ملين خوراڪون فراهم ڪندو.