اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪميشن کي تڪبندين لاءِ چار مهينا جڏهن ته عام چونڊن لاءِ وڌيڪ 3 مهينا گهربل هوندا، اليڪشن ڪميشن آڪٽوبر 2022ع تائين صاف شفاف عام چونڊون منعقد ڪرائي سگهي ٿي. اليڪشن ڪميشن پاران صدر پاران چونڊن جي ??يارين جي ??والي سان لکيل خط جي ??واب ۾ صدر کي لکيل خط ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد آئيني ادارو آهي جنهن جي ??ئيني ذميداري چونڊون منعقد ڪرائڻ آهي جيڪا ان کي آئين جي ??رٽيڪل 218 (3) تحت حاصل آهي، چونڊن لاءِ تڪبنديون هڪ بنيادي ??دم آهي، چونڊ قانون 2017ع جي ??يڪشن 17 ۽ آئين جي ??رٽيڪل 51 (5) تحت آخري آدم شماري جا سرڪاري انگ اکر جاري ٿيڻ کانپوءِ آبادي جي ??نياد تي تڪ بنديون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ??ميداري آهي، ڇهين آدمشماري جنهن جو انعقاد 2017ع ۾ ٿيو هو ان جا انگ اکر 3 جنوري 2018ع تي جاري ڪيا ويا جنهن جي ??نياد تي آرٽيڪل 51 (5) ۾ ترميم جي ??ريعي هڪ ڀيري لاءِ تڪ بندين جي ??جازت ڏني وئي جنهن جي ??نياد تي 2018ع جي ??ام چونڊن لاءِ تڪبنديون ڪيون ويون، خط ۾ چيو ويو آهي ته 25 هين آئيني ترميم تحت فاٽا کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ضم ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جون 6 سيٽون گهٽ ٿي ويون آهن جڏهن ته قومي اسيمبلي جُون سيٽُون 272 کان گهٽجي 266 ٿي ويون آهن ان جي ڪري نيون تڪ بنديون لازمي آهن تنهن هوندي به ايئن ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين پاڪستان بيورو آف شماريات پاران آدمشماري جا سرڪاري نتيجا جاري نٿا ڪيا وڃن، خط ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ان کان اڳ اهو فيصلو ڪيو ته ڊجيٽل آدمشماري جو انعقاد ڪرائي ويندي جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پاران سيپٽمبر 2021ع ۽ جنوري 2022ع تي پ??رليماني معاملن واري وزارت کي ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن جي ڇپائي ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٻه ڀيرا خط لکيو ويو، ڊجيٽل آدمشماري جو اهو منصوبو مارچ 2023ع ۾ مڪمل ٿيڻ جو منصوبو بڻايو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن کي هن وقت تائين لاڳاپيل وزارتن پاران ڪو به جواب ناهي مليو جنهن جي ڪري تڪ بندين ۾ دير ٿي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي ??نعقاد لاءِ پرعزم آهي تنهن هوندي به وڌيڪ چار مهينا تڪ بندين لاءِ گهربل هوندا، چونڊن جو ايمانداراڻو، شفاف ۽ منصفاڻو انعقاد آڪٽوبر 2022ع تائين ممڪن آهي، اليڪشن ڪميشن صدر سان وڌيڪ غور لاءِ ملاقات جي ??ه درخواست ڪئي آهي.