ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف باباءِ قوم قائداعظ?? محمد عل?? جناح جي مزار جي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، اربع ڏينهن وزيراعظم جي ڪراچي ايئرپورٽ آمد تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد عل?? شاهه سندس آجيان ڪئي ۽ وزيراعظم سان پنهنجي ڪا??ين?? جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو. ان کانپوءِ وزيراعظم، سنڌ جي وڏي وزير ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان گڏ مزار قائد پهتو، هن مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا، ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد عل?? شاهه، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراهه خالد مقبول صديقي، جمعيت عل??اءُ اسلام (ف) جو قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ مولانا اسعد محمود، اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقا?? عباسي، مريم اورنگزيب، اڪرم دراني ۽ ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا.