اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سنڌ ۾ پاڻيءَ جي بحران تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي 60 سيڪڙو کوٽ انتهائي خطرناڪ آهي، پاڻي جي بچت ۽ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو. موسمياتي تبديلي واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۾ بئراجن ۽ـ شاخن ۾ پاڻيءَ جي 52 کان 62 سيڪڙو کوٽ ??بب آبادي، زراعت ۽ چوپائي مال لاءِ پاڻيءَ جي شديد کوٽ پيدا ٿي پئي آهي. سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ??بب سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کي پاڻي نه ملي رهيو آهي. شيري رحمان چيو ته هن وقت ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي هئڻ گهرجي ها پر 2 هزار ڪيوسڪ کان به گهٽ ڇڏيو پيو وڃي، پاڻي جي ان شديد کوٽ ??بب سنڌ ۾ وونئڻن ۽ سارين جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هيٽ ويو ۽ شديد گرمي جي ان موسم ۾ سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ تي ڳڻتي آهي. گڏيل قومن مطابق 2025ع تائين پاڪستان سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويندو. شيري رحمان چيو ته پاڻي جي 1991?? جي معاهدي مطابق منصفاڻي ورڇ ضروري آهي، اسان کي پاڻي جي بچت ۽ صوبن وچ ۾ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو.