اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 10 ڪشميري نوجوانن جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته قابض ڀارتي فوج سرچ آپريشن جي نالي تي بي گناهه ڪشميري نوجوانن کي نشانو بڻائي رهي آهي، ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب صدر چيو آهي ته ڀارت ڪشميري نوجوانن جو عدالت کان مٿانهين قتل جون ڪارروايون بند ڪري، ڀارت ظالماڻي ڪاررواين سان ڪشميرين جي حريت واري جذبي کي دٻائي نٿو سگهي، صدر چيو آهي ته ڀارتي بربريت جي خلاف ڀارت جي غ??ر قانوني قبضي هيـٺ ??مو?? ۽ ڪشمير جي مقامي آزادي واري تحريڪ کي دهشتگردي سان نٿو جوڙي سگهجي، صدر چيو ته ڀارت جي غ??ر قانوني قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير ۾ انسانيت لڄائيندڙ ڪاررواين سان انتهاپسند هندوتوا جو چهرو بي نقاب ٿيو آهي، هن چيو ته عالمي برادري ڀارت جي غ??ر قانوني قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺ??، صدر چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن مو??ب تڪراري ??مو?? ۽ ڪشمير جو حل ئي خطي ۾ امن جو ضامن آهي.