فيصل آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) مرڪزي علماءَ ڪائونسل پاڪستا?? جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ تي ڀارتي قدمن تحت ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خلاف ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو. ان موقعي تي سمورن شهرن ۾ احتجاجي تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن جو مقصد نه رڳو ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ پر عالمي دنيا کي باور ڪرائڻ آهي ته ڪشميري?? جي خواهشن ۽ گڏيل قوم?? جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي کي فوري ??ل ۽ اتي ڀاريت فوج جون غاصباڻيون ڪارروايون فوري روڪيون وڃن. ختم نبوت اسلامڪ ريسرچ سينٽر ويجهو جامع مسجد گول فيصل آباد ۾ عالم?? جي وفد سان ملاقات ۾ مرڪزي عالم ڪائونسل پاڪستا?? جي چيئرمين صاحبزاده زاهد محمود قاسمي چيو ته هو نه رڳو 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ و??لا??يل ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي پرزور مذمت ڪريون ٿا پر عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڪشمير جي مسئلي کي انساني ۽ عالمي حق?? جي ڏس ۾ ڏسي. هن چيو ته ڀارت و??لا??يل ڪشمير جي غيرتمند ڪشميرين جو حريت جو جذبو ختم ڪرڻ جي لاءِ هر حربو استعمال ڪري ورتو پر اهي انه?? جي آزادي جو جذبو ۽ شوق شهادت ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ڪري سگهيا. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون ب??ترين پائماليون ۽ خلاف ورزيون ڪيون پيون وڃن پر دنيا جون سموريون ننڍيون وڏيون طاقتون ان تي خاموش آه?? جيڪو انتهائي مذمت جوڳو فعل آهي.