اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان استحصال ڏهاڙي ??ي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڄيو آهي ته تحريڪ آزادي ڪشمير جي ڏس ۾ 5 آگسٽ اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت جي قابض ۽ غاصب حڪو??ت والاريل ڪشمير جي رياست جي عوام ??ي منشا جي ابتڙ ڄمون ۽ ڪشمير کي مليل خصوصي حيثيت 370 ۽ 35 اي کي هڪ ناقابل قبول فرمان ذريعي ختم ڪري ڄمون ۽ ڪشمير کي ڀارت جي يونين ٽيريٽري بڻائي ڇڏيو، 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جيڪي ??دم کنيا ۽ جنهن جو اطلاق هن ان کانپوءِ ڪيو اهي بنيادي ط??ر تي ڪشميرين کان انهن جي سڃاڻپ، انهن جي زبان، انهن جي تهذيب، انهن جي رهڻي ڪهڻي کسڻ جو هڪ ڪڌو منصوبو آهي. هن چيو ته رياست ڄمون ۽ڪشمير جي اندر رهندڙ مسلمان، هندو، سک، ٻڌمت ڀ قومون ان سازش کان باخبر ٿي چڪيون آهن ته ڪهڙي طرح انهن جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ئي ملڪ جي اندر ٻئي درجي جو شهري بڻايو آهي. هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم مودي هندوتوا جي انتهاپسنداڻي نظر??ي تي عمل پيرا آهي، ان جي ان ??دم سان خطي ۾ امن جي ڪوششن کي نقصان پهتو آهي ۽ بدامني کي هوا ملي آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته آئون گڏيل قومن خاص ط??ر تي پي 5 ملڪن کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي ان ۾ مداخلت ڪن ۽ ڀارت کي روڪين، شق 370 ڪشميرين جي لاءِ ڪا اهميت نه ٿي رکي پر 35 اي جيڪو 1927ع جي قانون آئي ايل 84 تحت ڪشميرين کي انهن جي سڃاڻپ ڏني هئي، ان جي بحالي لاءِ ڪشميرين کي ان وقت تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ گهرجي جيستائين ڪشميرين کي گڏيل قومن جي قراردادن تحت انهن جي خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي، جنهن تحت ڪشميري پنهن??ي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهن.