اسلام آباد – 19 –; سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جاپان جي عوام ۽ حڪومت سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا جيڪي هن وقت سامونڊي طوفان ن??نماڊول جي تباهين کي منهن ڏئي رهيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اها تباهي ان ڳالهه کي اجاگر ڪري ٿي ته دنيا کي موسمياتي تبديلين جي هولناڪين کان آگاهه هجڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سامونڊي طوفان ن??نماڊول ??ان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته موسمياتي تبديلي??ن ڪنهن هڪ رخ ۾ نه ٿيون هلن ۽ ڪنهن به ملڪ ۾ تباهي آڻي سگهن ٿيون، ان لاءِ دنيا کي ان آفتن جي تباهڪارين کان آگاهه هجڻ جي ضرورت آهي.