اسلام آباد _ 19 سيٽمبر (اي پي پي ) ملڪ جي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ وفاقي صوبائي حڪومتون ، هٿيار بند فوج ۽ امدادي ??دارا رسيڪيو ، ريليف ۽ بحالي جي ڪمن تي مقرر آهن . اين ايف آر سي ??ي مطابق ملڪ جي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ مجموعي طورتي 12735 ڪلو ميٽر روڊ ۽ 374 پلن کي نقصان پهتو آهي . سڀ کان وڌيڪ متاثر علائن ۾ سنڌ جا علائقا قنبر ، شهداد ڪوٽ ، جيڪب آباد ، لاڙڪاڻو ، خيرپور ، دادو ، نوشهرو فيروز ، ٺٽو ۽ بدين جڏهن ته بلوچستان جي متاثر علائقن ۾ ڪوئٽا ، نصير آباد ، جعفر آباد ، جهل مگسي ?? بولان ، صحبت پور ۽ لسبيلا ۽ خ??بر پختونخوا جي علائقن ۾ دير ، سوات ، چارسده ، ڪوهستان ، ??ان?? ۽ ڍيره اسماعيل خان ۽ پنجاب ۾ ڊي جي خان ۽ راجن پور شامل آهن . پاڪ فوج متاثر علائقن ۾ امدادي ??رگرميون تيزي سان جاري آهن .