اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زرا??ت کي م??ڪي معيشٽ جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان شعبي جي ترقي لاءِ حڪومت ايندڙ هفتي تاريخي آبادگار پئڪيج جو اعلان ڪندي، هن لاڳاپيل وزيرن جي ڪميٽي کي آبادگار نمائندن سا?? گڏجي انهن جا مسئلا موثر انداز ۾ حل ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل سفارشون جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ موجب وزيراعظم آبادگارن جي مختلف وفدن سا?? انهن جي مسئلن جي حل لاءِ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان، خوراڪ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، پنجاب جي صوبائي اسيمبلي م??مبر راڻا مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم زرعي شعبي کي م??ڪ جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو ۽ ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ملڪ ۾ ان شعبي جي ترقي ۽ آبادگارن جي ڀ??ائ?? کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موجوده معاشي حالتن جي ڏس ۾ هر ممڪن ريليف فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ان سلسلي ۾ ايندڙ هفتي ٿيندڙ آبادگار ڪانفرنس ۾ تاريخي آبادگار پئڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعظم انهن کي پنهنجي پنجاب جي خادم اعليٰ جي حيثيت سا?? زرعي شعبي جي ترقي ۽ آبادگار ڀائرن جي ڀ??ائ?? لاءِ کنيل قدمن جو حوالو ڏيندي ياد ڪرايو ته هن ڪهڙي طرح سدائين آبادگارن جي م??ادن جو تحفظ ڪيو ۽ انهن کي بجلي جي بلن جي ادائيگي، ڀاڻ جي فراهمي ۽ زرعي اوزارن جي خريداري تي سبسڊي فراهم ڪئي.