اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ، وڌ??ڪ فرانسيسي ڪمپنين ۽ سيڙپڪاري پاڪستان ۾ راغب ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آءِ ٽي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا وڌ??ڪ موقعا ڳولڻا پوندا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون تيز ڪرڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فرانس ۾ پاڪستان جي نامزد سفير عاصم افتخار احمد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر فرانس سان ٻطرفو ??اپار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ??يو ته 1.8 ارب ڊالر جو ٻطرفو ??اپاري ڪاٿو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري امڪانن جي نسبت تمام گهٽ آهي. صدر سمورن ٻطرفي فورمن جا اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن ??يو ته آءِ ٽي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌ??ڪ موقعا ڳولڻا پوندا. صدر پاڪستان ۾ تباه?? آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون پاران امداد جي اعلان کي ساراهيو. هن ??يو ته نامزد سفير گڏيل اقتصادي ڪميشن جو افتتاحي اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪرڻ جي لاءِ فرانس سان گڏجي ڪم ڪري، گڏيل اقتصادي ڪميشن ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو. صدر عارف علوي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ، وڌ??ڪ فرانسيسي ڪمپنين ۽ سيڙپڪاري پاڪستان راغب ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته فرانس يورپ ۾ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي، ٻئي ملڪ گهڻ رخا لاڳاپا رکندڙ آهن، ٻنهي ملڪن ۾ سياسي، واپاري ۽ اقتصادي، دفاع، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون موجود آهي. صدر فيشن ڊيزائن، اعليٰ ترين فيشن مصنوعات، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ فرانس جي تجربي مان سکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن ??يو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون تيز ڪرڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي.