اسلام آباد– 26 – نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سمنڊن تائين پهچ کان محروم وچ ايشيا جي رياستن تائين اقتصادي تعاون تنظيم جي پهچ جي امڪانن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان سان خطي جا وسيع تر اقتصادي ۽ واپاري فائدا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اها ڳالهه اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ ??ئن?? جي صدر سان ڳالهائيندي چئي، پاڪستان کي مالياتي معاونت تي صحيحن واري تقريب جي موقعي تي ??زي??اعظم سان اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ ??ئن?? جي صدر ملاقات ڪئي. ??زي??اعظم اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) ۾ وچ ايشيائي رياستن جي شموليت جي امڪانن جي آجيان ڪئي. ??زي??اعظم باضابطا ايجنڊا ۽ اتفاق راءِ کانپوءِ اي سي او جي ميمبر ملڪن جي سربراهي اجلاس جي ميزباني ۽ ان ۾ وچ ايشيا جي رياستن کي شامل ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي ۽ چيو ته ان سان اقتصادي سرگرمين ۽ ??لا??قائي تعاون کي فروغ ملندو. ??زي??اعظم اقتصادي تعاون تنظيم تي وچ ايشيائي رياستن جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته اهي هڪ وڏي آبادي تي ٻڌل رياستون آهن جيڪي ريلويز ۽ زميني رابطن جي وسيع تر صلاحيت رکن ٿيون. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن ??ي غيرملڪي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، افغانستان جي رستي وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ ممڪن آهي ۽ انهن رابطن سان سمورن ??لا??قائي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ??زي??اعظم چيو ته اقتصادي ترجيحون اي سي او جي ايجنڊا آهي ۽ اقتصادي امڪانن ۾ اضافي سان پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ موقعن ۾ اضافو ٿيندو. ??زي??اعظم اي سي او جي وچ ايشيا تائين پهچ جي خيال کي ”گيم چينجر“ قرار ڏنو ۽ چيو ته گوادر جي بندرگاهه دنيا کي گئس جي فراهمي جو مرڪز بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ??زي??اعظم چيو ته ٽه رخي اقتصادي تعاون جي ويزن جي ذري??ي ريلوي ٽريڪس ۽ رستن جي ذري??ي رابطاڪاري سان ??لا??قائي منظرنامو تبديل ٿيندو ۽ انهن رابطن جي انهن ذريعن سان قدرتي وسيلن کان مالامال ملڪ پنهنجون شيون برآمد ڪري سگهندا. هن اي سي او ??ئن?? جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊولپمينٽ ??ئن?? پاران 150 ملين يورو جي مالي معاونت ٻوڏ متاثرين جي بحالي تي خرچ ٿيندي.