اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه م??مد آصف جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد افغانستان جي گادي واري ??هر ڪابل جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ??يان موجب وفد نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادر اخ??ند، دفاع واري وزير مولوي م??مد يعقوب مجاهد، گهرو وزير سراج الدين حقاني ۽ پرڏيهي وزير امير خان متقي سميت عبوري ??فغان حڪومت جي سينيئر قيادت سان ملاقات ڪئي. ترجمان موجب خطي ۾ دهشتگردي خاص طور تي ٽي ٽي پي ?? آءِ ايس ڪي پي پاران وڌندڙ خطري ??ابت معاملا بحث هيٺ آيا. ڌرين مختلف ادارن ۽ تنظيمن پاران دهشتگردي جي خطري کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون تي اتفاق ڪيو. بيان موجب ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.