اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪشن ??مي??ن ج?? فيصلو پاڪستان ج?? مفاد ۾ آهي، اليڪشن ??مي??ن معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪيو، آئين ج?? آرٽيڪل 218 تحت اليڪشن ??مي??ن کي يقيني بڻائڻو آهي ته شفاف، غيرجانبداراڻي ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿين، آرٽيڪل 224 جي گهرج آهي ته چونڊن ج?? وقت وفاق ۽ صوبائي اڪائين ۾ نگران حڪومتون قائم هجن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ??مي??ن سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو، اليڪشن ??مي??ن ج?? فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي ضمانت ملندي، خدشا هئا ته هڪ ماڻهو جي اناءَ جي ڪري ٻن صوبن تي زبردستي چونڊون ??ڙه??ون پيون وڃن. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي چونڊ ٿيندي ته ٻن صوبن ۾ حڪومتون قائم ٿينديون. 30 اپريل تي ٻن صوبن ۾ چونڊون ٿيون ته سدائين ج?? لاءِ تڪراري ٿي وڃن ها. چونڊون 30 اپريل تي ٿين ها ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڇهه مهينا اڳ اسيمبليون ختم ٿي وڃن ها. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ??مي??ن پنهنجي فيصلي سان ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو آهي. اليڪشن ??مي??ن ج?? فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو. هن چيو ته ملڪ ۾ آدمشماري جو عمل جاري آهي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ آدمشماري کان اڳ ۽ ٻين ۾ آدمشماري کانپوءِ چونڊون ٿين، اهو نه ٿو ٿي سگهي. هڪ شخص جي مرضي تي آئين نه ٿو هلي سگهي، هو جڏهن چاهي آئين ٽوڙي ڇڏي، جڏهن چاهي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، اهو نه هلندو، جڏهن چاهي پوليس وارن جا مٿا ڦاڙي ڇڏي، جڏهن چاهي اليڪشن ??مي??ن تي حملو ڪري، عدالت تي حملي آور ٿئي ، جڏهن چاهي چونڊون ٿين ۽ جيڪي چاهي فيصلا اچن، اهو نه هلندو.