اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ۾ پاڪ??تا?? کي شامل ڪرڻ، سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪ??تا??ين کي ڪڍڻ ۾ تعاون ۽ گذريل سال شديد ٻوڏ دوران امداد تي سعودي عرب سان ٿورا مڃيا آهن ۽ چيو آهي ته سعودي عرب ۽ ايران جا لاڳاپا معمول تي آڻڻ سان علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الدائود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم گذريل سال جي شديد ٻوڏ دوران امداد تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪ??تا??ين کي ڪڍڻ جي لاءِ تعاون فراهم ڪرڻ تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيرا??ظم ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ۾ پاڪ??تا?? کي شامل ڪرڻ تي سعودي عرب جي حڪومت کي ساراهيو، ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپ??رٽ جي ذريعي حج تي وڃڻ جي خواهشمند پاڪ??تا??ي حاجين کي سهولتون فراهم ڪندو. سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ تازي معاهدي جو حوالو ڏيندي وزيرا??ظم اميد ظاهر ڪئي ته ان سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. سعودي نائب گهرو وزير سندس ۽ سندس وفد جي مهمان نوازي تي پاڪ??تا?? جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا تاريخي آهن. هن پاڪ??تا?? جي گهرو، مذهبي معاملن ۽ منشيات جي خاتمي وارن وزيرن سان ڪارائتين ملاقاتن تي اطمينان جو اظهار ڪ??و. هن وزيرا??ظم کي ٻڌايو ته روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ کي ايندڙ سال کان لاهور ۽ پشاور تائين پڻ وڌايو ويندو ته جيئن وڌ کان وڌ حاجين کي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.