اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي پوليو جهڙي موذي مرض کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي، پاڪستان ??ي مستقبل کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ تائين ذاتي نگراني سان پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??وٽري فائونڊيشن جي وفد انٽرنيشنل پوليو پلس ڪميٽي جي سربراهه مائيڪ ميڪ – گورن جي قيادت ۾ ??لا??ات ڪئي. ??لا??ات ۾ روٽري جي عهديدارن عزيز ميمڻ، فيض ڪنڊوائي، عدنان ??وحيلا ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ روٽري انٽرنيشنل ۽ بل ۽ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. حڪومت پوليو جي خاتمي جي ورڪرن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ روٽري انٽرنيشنل پاران ??هائشي منصوبن جي قيام جي پذيرائي ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي پوليو جي ايندڙ مهم جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ??لا??ات ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته روٽري انٽرنيشنل ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ مهم جي لاءِ ٻين حصيدارن به هلندڙ سال هڪ ڪروڙ 50 لک ڊالر مخصوص ڪيا آهن. ??لا??ات ۾ عملدارن وزيراعظم کي ملڪ ۾ پوليو مهمن جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڏکڻ خيبرپختونخواهه پوليو جي خاتمي لاءِ خصوصي مهم جي شروعات به ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي خاص طور تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي هر صورت ۾ فول پروف بڻايو وڃي. وزيراعظم صحت واري قومي وزارت جي عملدارن کي به ايندڙ پوليو مهم جي خاتمي لاءِ مڪمل تياري جي هدايت ڪئي.