اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي معاشري خاص طور تي شاگردن ۾ عدم برداشت، انتهاپسندي ۽ تشدد جي روڪٿام جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ۽ فعال ڪردار ??دا ڪندي ان???? جي مثبت سوچ طرف رهنمائي ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”نيشنل وائيس چانسلرز امن ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام هايئر ايجوڪيشن ڪميشن، نيڪٽا ۽ غيرسرڪاري تنظيم شعور فائونڊيشن گڏيل حصيداري سان ڪيو هو. ڪانفرنس ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميش?? جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار ??حمد ۽ ملڪ جي مختلف يونيورسٽي?? جي وائيس چانسلرز ۽ تعليمي ماهر?? جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته يونيورسٽين کي پنهنجي انتظاميا ۽ فيڪلٽي ميمبر?? جي لاءِ صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ تربيتي سيشنز جو باقاعده اهتمام ڪرڻ گهرجي ته جيئن شاگردن ۾ شدت پسندي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت پيدا ڪري سگهجي. هن چيو ته اهڙا قدم شاگرد?? جي اصلاح کي يقيني بڻائيندا ته جيئن اهي ملڪ جي بهتر مستقبل، پائيدار ??من ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ??دا ڪري سگهن. صدر تحقيق تي ٻڌل سکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته تعليم جي ميدان ۾ شاگردن ۽ عورتن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن. هن چيو ته هر شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي کي نظر ۾ رکندي موجوده حالتن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي هجڻ سان گڏوگڏ موجوده دنيا جي ترقي جي لاءِ تمام ضروري آهي. هن چيو ته معاشري ۾ سٺن قدرن ۽ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن سڄي دنيا ۾ ”فيڪ نيوز“ جي رجحا?? جي پڻ نشاندهي ڪئي جنهن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اعليٰ تعليم يافته آءِ ٽي گريجوئيٽس کي موجوده ۽ مستقبل جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيار ??هڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ عورت?? جي وڏي انگ ۾ شرڪت تي خوشي جو اظهار ڪندي صدر چيو ته ايندڙ نسل?? جي تعليم ۽ تربيت ۾ عورتن جو ڪردار ??هم آهي. هن معاشري کي باشعور بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيئن اهو تعليم يافته عورتن کي ان???? جي صلاحيتن موجب ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جا موقعا پيدا ڪري. صدر شاگردن ۽ معاشري ۾ اخلاقيات، همدرديءَ، درگذر ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته تعليم جي ميدان ۾ ترقي ڪري پاڪستان وڏي تيزي سان ترقي يافته ملڪ بڻجندو، معاشرو تعليم يافته عورتن کي ان???? جي اهليت موجب ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جو تعليم ۽ هايئر ايجوڪيشن ۾ اڳتي وڌڻ ضروري آهي، اسان کي اخلاقيات جي اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته پاڪستان کي پنهنجي نوجوان آبادي مان فائدو کڻڻ گهرجي جن تي ڌيان ڏئي ان??ن کي اعليٰ تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائي سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻا??ن جو انگ 2 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان کي موجوده دور جي گهرجن موجب اعليٰ تعليم يافته آءِ ٽي گريجوئيٽس کي تيار ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته معاشري جي اها خواهش هجڻ گهرجي ته هو ان ڳالهه جو اهتمام ڪري ته تعليم يافته عورتن کي ان???? جي اهليت موجب ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري. صدر چيو ته قائداعظم چيو هو ته عورت کانسواءِ ڪا قوم ترقي نه ٿي ڪري سگهي، اسان کي پنهنجي ثقافت ۽ مذهب تان هٽڻ کانسواءِ عورت کي معاشري ۾ ان جو مقام ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ??دا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ترقي جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ جلد فيصلا ڪرڻا پوندا، ان??ارميشن ٽيڪنالاجي جي لاءِ ضروري آهي ته اها تيزي سان ترقي ڪري، ٽيڪنالاجي جي ترقي جي لاءِ مستقبل جي ضرورت کي پڻ نظر ۾ رکڻو پوندو.