اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ??ي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 4 جون تي جارحيت جو شڪار معصوم ٻ??رن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي ڪشميري ٻ??رن جي خراب حالت جي ياد ڏيار?? ٿو جيڪي ڀارتي فوج جي مسلسل گهيراءُ ۽ ??حش??اڻي ڏاڍ جي ڪري مسلسل مشڪلاتن جو شڪار ??هن. ترجمان چيو ته ڪشميري ٻ??رن جي هڪ پوري نسل خوف، تشدد ۽ ڏاڍ جي ماحول ۾ وڏي ٿي آهي، ڪشميري يتيم ٻار معاشي مشڪلاتن، اڪيلائپ ۽ نفسياتي صدمي جو پڻ شڪار ??هن. هن چيو ته ڀارتي فورسز پاران پيلٽ، گولين ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي گولن سان هڪ وڏي انگ ۾ شاگرد ٻار ??خمي ٿيا، انهن مان ڪيترائي اکين جي نور کان مڪمل يا جزور طور تي محروم ٿي چڪا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو ٻ??رن جي تحفظ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪري جن ۾ ٻ??رن جي خلاف ڇَرن جو استعمال بند ڪرڻ پڻ شامل آهي. ترجمان چيو ته اسان ڀارت تي زور ڏيون ٿا ته هو ان مطالبي تي عمل ڪري ۽ ڪشمير جي ٻ??رن کي تشدد، بي گهر ٿيڻ ۽ صدمي کان بچائي. ترجمان ان عزم جو ڀرپور ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ??ي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.