ڪراچي – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آئين تحت ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، نگران حڪومت جي انتظامي قدمن سان ڊالر جي قيمت گهٽ ٿي آهي جنهن جو اثر پ??ٽر??ليم مصنوعات جي خريد??ري تي پڻ پوي ٿو، اميد آهي ايندڙ ڏينهن ۾ پ??ٽر??ليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي، بجلي چوري جي خلاف قدمن سان اٽ??ل 8 ارب رپين جون وصوليون ٿيون ??هن، آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت آزاداڻيون، منصفاڻيون، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون ڪرائڻ جي ذميو??ري اليڪشن ڪميشن وٽ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر محمد عاصم کچي پڻ موجود هو. اطلاعات و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪراچي پريس ڪلب منهنجو پراڻو گهر آهي جيڪو جمهوريت جي ارتقا ۾ هڪ اهم مورچو رهيو آهي. هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي هڪ تاريخي حيثيت آهي، فڪر، علم ۽ دانش جي آزادي ۽ عوام جي حڪمراني جي حق ۾ ڪراچي پريس ڪلب جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، آمريت جي دور ۾ به ڪراچي پريس ڪلب تان جمهوريت جي لاءِ مضبوط آواز اڀريو، اڄ به پاڪستان جا پورهيت، مظلوم عوام پنهنجو ڏک درد ٻڌائڻ ڪراچي پريس ڪلب اچن ٿا. مرتضيٰ سولنگي چيو ته صحافين جي مسئلن کان آگاهه آهيان، انهن جي نوڪرين بابت مسئلا موجود آهن. هن چيو ته موجوده نگران حڪومت آئين جي آرٽيڪل 224 تحت هڪ آئيني ۽ قانوني حڪومت آهي، اسان جي دور ۾ صحافين سان ناانصافي نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ پرنسپل انفارميشن آفيسر سان گڏجي قدم کنيا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون منعقد ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن بااخت??ار آئيني ادارو آهي، ان جي ذميو??ري آهي ته ملڪ جي اندر آزاداڻيون، شفاف ۽ غيرجانبدراڻيون چونڊون منعقد ڪرائي. هن چيو ته نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن جي هر طرح جي مدد ڪندي ۽ اليڪشن ڪميشن جون ??موريون ??رورتون پوريون ڪيون وينديون. هن چيو ته عام چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين، 30 نومبر تائين تڪبنديون مڪمل ٿي وينديون، ان کانپوءِ چونڊن جي حتمي تاريخ به ڏني ويندي. پ??ٽر??ليم مصنوعات جي قيمتن بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته پ??ٽر??ليم مصنوعات جي قيمتن جو تعين عالمي مارڪيٽ ۾ موجود قيمتن سان ٿئي ٿو، موجوده نگران حڪومت جي انتظامي قدمن جي ڪري ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي جنهن جو اثر پ??ٽر??ليم مصنوعات جي خريد??ري تي پڻ پوي ٿو، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ پ??ٽر??ليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي. ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن جي عدم ادائيگي بابت سوال تي اطلاعات و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته جيڪي ميڊيا هائوسز پنهنجي ملازمن کي پگهار ادا نه ڪندا انهن کي سرڪ??ري اشتهار ج??ري نه ڪيا ويندا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بجلي چوري جي مد ۾ اٽ??ل 8 ارب رپين جون وصوليون ٿيون ??هن، بجلي چوري جي ڪري ٻين صارفين تي بار پوي ٿو، ان نظام کي صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان خدشا آهن ته ان جي لاءِ قانون ۽ عوام جون ??دالتون کليل آهن. اسان جو اخت??ار ۽ مدو محدود آهي، اسان ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان پنهنجي حلف جي پاسد??ري ڪنداسين. چونڊن دوران پاڪستان جي سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا ويندا.