اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت بلتستان جي عوام کي گلگت بلتستان جي ??زا??ي جي جنگ جا 76 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي ماڻهن کي بي مثال قربانين سان ??زا??ي جي نعمت ملي، پاڪستان حڪومت گلگت بلتستان ۾ ترقي، امن، خوشحال?? ۽ ??وجوان نسل جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي، قومي يڪجهتي، مذهبي هم آهنگ?? ۽ ??رامن گڏيل بقاءَ جي ذريعي دشمن جي ڪڌن مقصدن کي ناڪام بڻائڻو پوندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت بلتستان جي جنگ جي ??زا??ي جا 76 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو ڏينهن گلگت بلتستان ۽ پوري پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ اسان جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، اڄ کان 76 سال اڳ گلگت بتلستان جي غيرتمند عوام پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ڊوگره راڄ جي خلاف ڪيپٽن مرزا حسن خان ۽ صوبيدار ميجر بابر جهڙن بهادر ۽ جرئتمند اڳواڻن جي قيادت ۾ بنا ڪنهن هٿيارن جي باوجود انتهائي بهادري ۽ دليري جو مظاهرو ڪيو ۽ هندو سامراج جي ڪٺ پتلي گورنر گهنسارا سنگهه کي هٿيار اڇلائڻ تي مجبور ڪر?? ڇڏيو ۽ گلگت بلتستان جي بهادر ماڻهن پاڪستان سان الحاق کي ترجيح ڏني. هن چيو ته گلگت بلتستان جي ??زا??ي اسان جو اثاثو ۽ سرمايو آه?? ۽ ??نهنجي نوعيت جو منفرد ڪارنامو آهي جنهن جو تاج گلگت بلتستان جي رهواسين پهرين نومبر 1947ع تي پاڻ پاڪستان جي مٿي تي سجايو ۽ پنهنجي غيرمشروط، بي مثل ۽ والهاڻي محبت سان ثابت ڪر?? ڇڏيو ته اسان پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. اهو ئي سبب آهي جو پورو ملڪ ان علائقي جي حب الوطني جي جذبي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انهن جرئتمند ماڻهن سدائين جي لاءِ دشمن کي اهو به باور ڪرائ?? ڇڏيو ته گلگت بلتستان پاڪستان جو حصو هو، آهي ۽ انشاءَ الله سدائين رهندو. نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جا ماڻهو خوش قسمت آهن جو انهن جي بي مثال قربانين سان ??زا??ي جي نعمت ملي پر افسوس جو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جا مسلمان اڄ تائين ڀارت جي غاصباڻي چنبي ۾ جڪڙيل آهن. جيتوڻيڪ ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جون واضح قراردادون موجود آهن پر ڀارت جي هٺ ڌرمي ۽ عالمي طاقتن جي خاموشي جي ڪري ڪشمير مسئلو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو. هن چيو ته آئون اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي ڀرپور سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد تيستائين جاري رکندو جيستائين انهن کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته اڄ آئون عالمي دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان فلسطين مسئلي ۽ ڪشمير مسئلي تي پرامن حل چاهيون ٿا ۽ قبله اول جي زمين تي اسرائيل جي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سڄي دنيا ان حقيقت کان چڱي ريت واقف آهي ته گلگت بلتستان بهترين موقعن ۽ امڪانن جي سرزمين آهي، قدرت?? ۽ ??عدني وسيلن ۽ عوام جي بي پناهه صلاحيتن سان گلگت بلتستان خطي جو اقتصادي ۽ سياحتي مرڪز بڻجڻ جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان سميت پوري پاڪستان جي روشن مستقبل جي لاءِ اسان سڀني کي اتحاد ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪندي درپيش چئلينجز جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ قومي يڪجهتي، مذهبي هم آهنگ?? ۽ ??رامن گڏيل بقاءَ جي ذريعي دشمن جي ڪڌي مقصدن کي ناڪام بڻائڻو پوندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت گلگت بلتستان ۾ ترقي، امن، خوشحال?? ۽ ??وجوان نسل جي ترقي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.