اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ چيو آهي ته چين ۾ چوٿين پيرا ايشين گيمز ۾ پاڪستاني پيرا اولمپيئن حيدر علي جي ڊسڪس ٿرو ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي پوري قوم کي فخر آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چين جي ??هر هانگزو ۾ ٿيندڙ چوٿين پيرا ايشين گيمز ۾ پاڪستاني پيرا اولمپيئن حيدر علي جو ڊسڪس ٿرو ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ پوري قوم جي لاءِ انتهائي فخر جو لمحو آهي. هن چيو ته توهان جي لگن، عزم ۽ اها شاندار ??ام??ابي اسان سڀني جي لاءِ متاثر ڪندڙ آهي، حيدر علي توهان کي اها ??ام??ابي مبارڪ هجي.