جده-27 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي جنرل سيڪريٽري عالمي برادريءَ کا?? مطالبو ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي. 27 آڪٽوبر تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي ناجائز قبضي کي 76 سال مڪمل ٿي ويا آهن. او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ ڪشمي?? جي ڪاري ڏ??نه?? جي موقعي تي جاري بيان ۾ ڀارت جي غير ق??نو??ي قبضي ۽ ڄمون ڪشمي?? جي عوام جي حق خوداراديت واري حق سميت ان جي حقن لاءِ او آءِ سي جي حمايت جو عزم ورجايو. جنرل سيڪريٽريٽ اسلامي سربراهي اجلاس ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي فيصلن ۽ قراردادن جو حوالو ڏيندي ڀارت ??ي زور ڀريو ته هو پنهنجي غير ق??نو??ي ڏاڍ ۽ ڄمون ڪشمي?? جي ماڻهن جي بنيادي انساني حقن جو احترام ڪري ۽ ان علائقي جي بين الاقوامي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي سلسلي ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل غير ق??نو??ي ۽ هڪ طرفن قدمن کي واپس وٺي.