اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آه?? ته پاڪستان سدائين کان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي، ايوان صدر مان فلسطين بابت جاري ٿيندڙ صدر جي بيان تي پرڏيهي وزارت پاران وضاحت ڪئي وئي هئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ صدر جي فلسطين جي صدر ??ان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ايوان صدر پاران جاري ٿيندڙ بيان بابت سينيٽر ميان رضا رباني جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباسي جيلاني چيو ته ايوان صدر مان صدر جو جيڪو بيان جاري ڪيو ويو ان ۾ پرڏيهي وزارت کان ڪا راءِ نه ورتي وئي هُئي، صدر هڪ رياستي حل جي ڪه??ي تناظر ۾ ڳالهه ڪئي ان جي مون کي خبر نه آهي، ڇو ته پاڪستان جو سدائين ٻه رياستي حل جو موقف رهيو آهي جنهن جو بنياد 1967ع جي سرحد، گڏيل قومن جي قرارداد 242 ۽ او آءِ سي جُون قراردادون آه??. ج??هن صدر جو بيان جاري ٿيو ته ا??ان کي به هڪ وضاحت جاري ڪرڻي پئي ۽ اها وضاحت ا??ان او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ گڏيل قومن سميت لاڳاپيل ادارن کي پڻ موڪلي، ان وضاحت کي نه رڳو ملڪي پر غيرملڪي ميڊيا ۾ پڻ اجاگر ڪيو ويو.