دبئي – 30 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪوپ – 28 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي تيز رفتار فعاليت کي تاريخي ڪاميابي قرار ڏيندي ان اڳڀرائي کي س??راهيو آهي، ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن جي پهرين ڪلاڪ ۾ حيران طور تي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي لاءِ 575 ملين ڊالر جا واعدا ڪيا ويا، ان ۾ يورپي يونين پاران 225 ملين ڊالر به شامل آهن. هي ڪوپ – 27 ۾ جي – 77 ۽ ??ائ??ا گروپ جي س??براهه جي حيثيت سان پاڪستان جي اهم ڪردار کانپوءِ اهم موقعو آهي، جتي هن لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ جو ڪيس رکيو هو. گذريل هڪ سال دوران پاڪستان فنڊ جي آپريشنلائيزيشن بابت سفارشن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ذميوار عبوري ڪميٽي جي ميمبر طور فعال طور تي مصروف عمل رهيو. اها ڪاميابي ڪمزور ملڪن تي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿي. پاڪستاني وفد هڪ بيان ۾ عالمي برادري جي تيز رفتار ردعمل تي خوشي جو اظهار ڪيو جنهن موسمياتي مسئلن بابت چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ ۾ فنڊ جي اهميت کي تسليم ??يو. وڌيڪ اهو ته اهو سنگ ميل هڪ گڏيل ڪوشش جي رڳو شروعات آهي ڇو ته عالمي برادري لاس اينڊ ڊيميج فنڊ ۾ وڌندڙ تعاون جي فوري ضرورت تي زور ڏي ٿي. جيتوڻيڪ شروعاتي واعدن ۾ 575 ملين ڊالر ماليت جا اهم اعلان ٿيا آهن پر اهو تسليم ??يو وڃي ٿو ته اهو تعاون آبهوا جي خطري ?? ورتل ملڪن کي درپيش بي پناهه چئلينجن کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ گهٽ آهي. موسميات سان لاڳاپيل آفتن جي خطرن کي ??وثر طريقي س??ن گهٽ ڪرڻ ۽ انهن جو انتظام ڪرڻ جي لاءِ اضافي مالي امداد ضروري آهي. ڪوپ – 28 جي جاري ڪارروائي ۾ قومن تي زور ڏنو وڃي ٿو ته اهي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن جي مدد جي لاءِ فنڊ کي ??ستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي واعدن کي ??ڌيڪ اضافو ڪن. پاڪستان ان اهم مسئلي تي اسرندڙ ملڪن کي ??عال طور تي شامل ڪرڻ ۽ انهن جي قيادت ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي موثر نفاذ ۽ استعمال کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ عالمي برادري س??ن تعاون تي ٻڌل ڪوششن جي لاءِ پرعزم آهي.