اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري ??گران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته عربي سکڻ هر مسلمان لاءِ ضروري آهي، پاڪستان ۾ عربي ادب کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”ويهين صدي جي ٻي اڌ ۾ عرب ناول جا جديد رجحان“ جي موضوع تي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانف??نس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ۾ ڪيو. ڪانف??نس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ هي ڪانف??نس هڪ منفرد ۽ اهم ترين موضوع تي آهي جنهن کي منعقد ڪرڻ تي ي??نيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ پوري ??يم کي مبارڪون ڏيان ٿو. وفاقي وزير چيو ته هي ڪانف??نس وڏي اهميت واري آهي ۽ باقي ڪانفرنسن کان بلڪل منفرد آهي، جديد عربي ناول سان اسان جا ماڻهو اڻواقف آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي ي??نيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود ڪانف??نس ۾ شرڪت تي تعليم واري ??فاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته تعليم وارو وفاقي وزير پاڻ هڪ ڄاتل سڃاتل علمي شخصيت آهي، تحقيق ۽ علم جي ميدان ۾ سندس تعارف ڪنهن شيءَ جو محتاج ناهي. وائيس چانسلر چيو ته سڄي دنيا جا اسلامي اسڪالرز ان ڪانف??نس ۾ شريڪ آهن جيڪي پنهنجي تحقيقي مقالن ذريعي عرب معاشري جي حقيقي تصوير ڪشي ڪندا. ڊاڪٽر ناصر محمود چيو ته عرب جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي ۽ ان جي ٻولي تمام وسيع آهي جنهن سبب عرب معاشرو پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سان جڙيل آهي. افتتاحي سيشن کي عالمي ي??نيورسٽي جي فيڪلٽي آف عربي ٻولي جي سينئر استاد، پروفيسر ڊاڪٽر حبيب الرحمان عاصم، اوپن يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف عربي و علوم اسلاميه جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محي الدين هاشمي، عربي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالمجيد بغدادي ب?? خطا?? ڪيو. پڄاڻي واري تقريب سڀاڻي 14 ڊسمبر تي منعقد ٿيندي جنهن ۾ ڪانف??نس جون سفارشون پيش ڪيون وينديون. ڪانف??نس جو بندوبست يونيورسٽي جي عربي شعبي (ڪليه عربي و علوم اسلاميه) ڪيو هو. هن ڪانف??نس ۾ عراق، سعودي عرب، مراڪش، مصر، اردن، ٿائيلينڊ، ملائيشيا، عمان، الجيريا، نائيجيريا ۽ شام جي 13 اسڪالرن فزيڪلي جڏهن ته 15 انٽرنيشنل اسڪالرز آن لائن شريڪ ٿيا.