مظفر آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ پاڪستان جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ??ال??ي سطح تي مڃيل تڪرار 7 ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي، ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي ??ال??ي ذميوارين تان دستبردار نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڄمون ۽ ڪشمير جي حريت اڳواڻن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ محمود احمد ساگر، غلام محمد صافي، الطاف حسين واني، سيد فيض نقشبندي، شيخ عبد??لم??ين، سليم هارون، شيخ محمد يعقوب، امتياز واني، سيد منظور شاهه، منظور قادر، حافظ حامد رضا، مولانا امتياز صديق، سيد ياسر عباس، سيد جواد الحسن، سردار امجد يوسف، ميان عبدالوحيد، ??ان??ال شهاب مدني، ڊاڪٽر مشتاق سردار، سردار عبدالقيوم، راجا فاروق حيدر، سردار عتيق ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق پڻ موجود هو. حريت اڳواڻن ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت جي حوالي سان ڀارت جي غيرقانوني هڪطرفي قدم جي توثيق جي مذمت ۽ ڪشميرين ساان يڪجهتي جي اظهار تي نگر??ن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. حريت اڳواڻن پاران آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس ۾ نگر??ن وزيراعظم جي ڀرپور پذيرائي ڪئي وئي. حريت اڳواڻن چيو ته نگر??ن وزيراعظم جي ا?? جي خطاب ڪشميرين جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي نگر??ن وزيراعظم چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪسمير ۾ پاڪستان رياست جو پيغام کڻي آيو آهيان ته پاڪستان سياسي ۽ سفارتي سطح تي ڪشميرين جي حمايت سدائين جاري رکندو. هن چيو ته ڪشمير جو ڪيس ??ال??ي سطح تي وڌيڪ بهتر طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ??ال??ي ٿنڪ ٽينڪس، ميڊيا ۽ اڪيڊميز سان رابطو وڌائيندا. هن چيو ته واشنگٽن ڊي سي، لنڊن، برسلز ۽ ٻين اهم گادي وارن شهرن ۾ ڪشمير ڪيس جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهي ويندي. نگر??ن وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزارت ۽ حريت اڳواڻن جو اجلاد جلد منعقد ڪرايو ويندو، حريت اڳواڻ ڪشمير ڪاز جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏين. هن چيو ته اوورسيز ڪشميرين جو آواز ڪسمير ڪاز جي لاءِ انتهائي ڪارائتو ٿابت ٿي سگهي ٿو. نگر??ن وزيراعظم چيو ته اس??ن واضح طور تي ڀارت جي سپريم ڪورٽ پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت فيصلي کي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ??ال??ي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن ک??ن وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي، ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي ??ال??ي ذميوارين تان دستبردار نٿو ٿي سگهي.