اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پ??) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو 16 هون شهادت جو ڏهاڙو هڪ دل ڏکوئيندڙ ياد ڏياري ٿو ته پرتشدد انتهاپسندي پ??هنجي سمورن رنگن ۽ نظرين سان گڏ اسان جي ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ خطرو آهي. ??ما??ي رابطي جي پ??يٽ فارم ”ايڪس“ تي پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انتهاپسندي جي خلاف هڪ ڊگهي جنگ آهي پر اسان ان کي کٽينداسين، انشاءَ الله.