اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خاص طور تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان جي م??قف کي اجاگر ڪندي مسلمان امت کي درپيش اسلامو فوبيا جهڙن مسئلن کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ خاص طور تي او آءِ سي جي ذريعي ويجهي ۽ گڏيل طور تي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگر??ن وزيراعظم وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا (مينا) خطي جي مسلمان ملڪن جي سفيرن سان مانجهاندي تي م??اقات ڪئي. ملاقات ۾ بحرين، مصر، عراق، اردن، ڪويت، لبنان، ليبيا، مراڪش، عمان، فلسطين، سعودي عرب، شام، گڏيل عرب ??ما??ات ۽ يمن جا سفير موجود هئا. ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير، نگر??ن وزيراعظم جو سيڪريٽري ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هئا. نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي مسلمان دنيا خاص طور تي م??نا خطي جي م??ڪن سان ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد، گڏيل افهام تفهيم، ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. نگر??ن وزيراعظم ڪيترن ئي معاملن خاص طور تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان جي م??قف بابت آگاهه ڪيو. مسلمان دنيا کي درپيش ٻين چئلينجز جهڙوڪ اسلامو فوبيا تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگر??ن وزيراعظم مسلمان امت کي انهن مسئلن کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ خاص طور تي او آءِ سي جي ذريعي ويجهي ۽ گڏيل طور تي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگر??ن وزيراعظم اسلام آباد ۽ انهن جي لاڳاپيل گادي وارن شهرن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قا??م ڪرڻ جي ڪوششن تي سفيرن کي ساراهيو. سفيرن نگر??ن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان سان ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن مسلمان دنيا ۾ اهم ڪردار اد?? ڪيو.