اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بري?? رسم الخط ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ خودمختياري، آزادي ۽ شموليت جي عل??مت آهي، بري?? رسم الخط جي تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ برابر معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ اهم قدم آهي، عالمگير په?? جي لاءِ متحد ٿيڻ ڪو اعزاز نه آهي پر اسان جي گڏيل عزم جو عڪاس آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بري?? رسم الخط جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي علم تائين په?? بهتر بڻائڻ جي اهميت اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بري?? رسم الخط جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، بريل لمس تي ٻڌ?? رسم الخط کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي په?? وڌائڻ طرف پاڪستان جي ??رق?? پسند ڪوششن کي ساراهيان ٿو، لوئس بريل جي ايجاد، ڏسڻ کان محروم ماڻهن جون زندگيون بدلايون. هن چيو ته پاڪستان بريل خواندگي ۽ په?? وڌائڻ طرف ذڪر جوڳي عزم جو مظاهرو ڪيو آهي، پاڪستان عالمي سطح تي مڃيل ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ مراڪش معاهدي جي توثيق ڪئي آهي، مراڪش معاهدي سان ڏسڻ کان محروم ماڻهن کي بري?? رسم الخط، آڊيو ۽ وڏي پرنٽس ۾ لکين ڪتابن تائين په?? ۾ مدد ملندي، تعليمي ادارن ۽ لائبريرين ۾ بري?? رسم الخط کي شامل ڪرڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا ويا، پاڪستان جامع ماحول جي لاءِ جديد تربيتي پروگرام شروع ڪيا آهن، بري?? رسم الخط سان پاڪستان تعليم، ادب، تربيت ۽ بحالي جي موقعن تائين برابر په?? کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ اسان معذور ماڻهن جي حقن جي فروغ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا، يقين آهي ته گڏجي اسان اهڙي دنيا ٺاهي سهگون ٿا جتي رڪاوٽون ختم ٿين، سڀني کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ملن.