لاڙڪاڻو – 08 فيبروري (اي پي پي)لاڙڪاڻي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 تي چونڊ وڙهندڙ پاڪستان پ??پلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ نئون ديرو پهتو جتي هن نئون ديري جي گورنمينٽ ميجر مجاهد پرائمري اسڪول ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي جيالن اتي بلاول ڀٽو جي حق ۾ جا نعرا لڳايا ۽ مٿس گلن جي ورکا ڪري سندس آجيان ڪئي. ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ ب??د ميڊيا سان ڳالهائ??ند?? بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ مان پ??هنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ هتي لاءِ آيو آهيان، پاڪستان جي عوام کي درخواست آهي ته هو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ نڪرن جيڪو ووٽ انهن جي طاقت آهي ان جو هو ضرور استعمال ڪن ڇاڪاڻ ته ملڪ جو مستقبل عوام جي هٿ ۾ آهي. هن چيو ته عام چونڊن دوران موبائيل سروس بند ٿيڻ سان پ??ري ملڪ ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ ۽ چونڊن دوران سهڪار ڪرڻ تي اثر پوندو، جڏهن پ??لنگ ايجنٽ ۽ آر اوز گڏجي فارم 45 لاءِ ويهندا ته ان دوران وڏيون مشڪلاتون به پيش اچي سگهن ٿيون ، گڏوگڏ سيڪيورٽي يا تشدد جو واقعو ٿئي ٿو ته اهو اطلاع اسان تائين پ??چڻ ۾ دير ٿ??ند?? جنهن ۾ عوام جو به نقصان ٿ??ند??. هن چيو ته موبائيل سروس بند ٿيڻ سان ڪافي رڪاوٽون پ??دا ٿ??ند??ون، سيڪيورٽي جي لحاظ سان جمهوريت جي نالي ۽ نارمل حالتن جي حوالي سان موبائيل سروس کي في الفور بحال ٿيڻ گهرجي جيڪو پاڪستان جي عوام جو بنيادي آهي ته جيئن هو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اوهان ڏسو ٿا ته جنهن تعداد ۾ ووٽر ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ نڪتا آهن ته انشاءَ الله منهنجو مينڊينٽ ڪنهن کي ڏئي نه ٿو سگهجي ۽ پاڪستان پ??پلز پارٽي ضروري ڪامياب ٿ??ند??. هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداريءَ جي آمد جي موقعي تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. ٻئي پاسي بلاول ڀٽو زرداري لا??ڪاڻي شهر جي مختلف هنڌن تي لڳايل پولنگ ڪئمپن جو دورو ڪري جيالن سان ملاقات ڪري چونڊ عمل جو جائزو ورتو بعد ۾ هو روانو ٿي ويو.