ڪراچي – 05 – اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، وفاق جي ترقياتي منصوبن، شهر قائد جي صنعتڪارن جي مسئلن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ س??ڌ جي گورنر جي فلاحي منصوبن کي ساراهيندي چيو ته سنڌ جي گورنر جو آءِ ٽي پروگر??م ساراهه جوڳو قدم آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان سان نه رڳو نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۾ مدد ملندي پر ملڪ جي صنعت ۾ پڻ تيزي ايندي.