اسل??م آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) جو گڏيل اجلاس 18 اپريل خميس ڏينهن ٽپهر 4 وڳي طلب ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب صدر پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهر??ئڻ جي منظوري آئين جي آرٽ??ڪل?? 54 (1) ۽ 56 (3) تحت مليل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي طلب ڪيو آهي. 16 اپريل تي طلب ڪيل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو نوٽيفڪيشن رد ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر جو خ??اب هر پارلياماني سال جي شروعات تي آئيني گهرج آهي.