اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زر??ار?? آذربائيجان کي ڪوپ – 29 ڪانفرنس جي ميزباني حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪوپ – 29 جي نتيجي ۾ اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ مالياتي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زر??ار?? آذربائيجان جي ماحولياتي ۽ قدرتي وسيلن ??ار?? وزير مختار بابائيف سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ماحول دوست ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ، وڻڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ گرين هائوس گئسن جو اخراج گهٽ ڪرڻو پوندو، گلوبل ??ار??نگ ۽ موسمياتي تبديلي سان گليشيئرز متاثر ٿي رهيا آهن، گلوبل ??ار??نگ ۽ موسمياتي تبديلي پاڻي جي کوٽ جو سبب به بڻجي رهيا آهن، ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لا??ِ عالمي تعاون گهربل آهي. صدر چيو ته پاڪستان لکين هيڪٽرز تي تمر جا ٻيلا لڳايا آهن، تمر سان پاڪستان کي ڪاربن ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ، ماحولياتي تحفظ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان آذربائيجان سان گڏيل مفادجي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لا??ِ وڌيڪ رابطن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. آذربائيجان جي ماحوليات ??ار?? وزير مختار بابائيف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ سياحت ۽ ثقاف?? جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آذربائيجان جي ماحوليات ??ار?? وزير نومبر 2024ع ۾ باڪو ۾ ٿيندڙ ڪوپ – 29 ڪانفرنس ۾ شرڪت جو دعوتنامو صدر کي پهچايو. صدر ڪوپ – 29 ڪانفرنس جي ڪامياب ميزباني جي لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته آذربائيجان ماحولياتي لحاظ کان اسرندڙ ملڪن جي مفادن جي تحفظ جي لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.