اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بوسنيا هر??يگ??ينا سان ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ بئنڪون کولڻ سميت مقامي ڪرنسين ۾ واپار ۽ بارٽر ٽريڊ کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بوسنيا هر??يگ??ينا جي سفير امين ڪوهوڊاريوچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقا?? ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سفير جي آجيان ڪندي چي?? ته بوسنيا هر??يگ??ينا سان پاڪستان جا اٽڪل ٽن ڏهاڪن تي ??ڌل تاريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن وڌيڪ چي?? ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي لاءِ ٻطرفو رابطو ۽ ڳالهه جاري رکڻ گهرجي. سفير چي?? ته سندس ملڪ پاڪستان سان معيشت، سلامتي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گهري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته بوسنيا هر??يگ??ينا جي مختلف صنعتن بشمول خوراڪ، سياحت ۽ ٽيڪسٽائيل ۾ پاڪستاني ڪاروبار جي لاءِ اقتصادي تعاون جي وسيع گنجائش موجود آهي. هن 1990ع جي ڏهاڪي جي جنگ دوران بوسنيا هر??يگ??ينا جي حمايت تي ??اڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿوا مڃيا. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ سريبرينيڪا بابت بوسنيا هر??يگ??ينا جي قرارداد جي مسودي جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي پڻ درخواس?? ڪئي. صدر پاڪستان بوسنيا جي درخواست جو بهتر طريقي سان جائزو وٺندو، هن وڌيڪ چي?? ته پاڪستان 1995ع جي سريبرينيڪا سانحي جي متاثرين سان گڏ يڪجهتي جي لاءِ بيٺل آهي. سفير صدر کي بوسنيا هر??يگ??ينا جي دوري جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي مضبوط ڪري سگهجي.