اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف سمورين وفاقي وزارتن کي نجڪاري جي حوالي سان ضروري ڪارروائي ۽ نجڪاري ڪميشن سان تعاون جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ??جڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي اولين ترجيح ڏني وڃي، سرڪاري ملڪيتي ا??ار?? جي نجڪاري سان ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي جي بچت ٿيندي ۽ انهي ئي پئسي سان سروسز جي فراهمي جو معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ نجڪاري واري وزارت ۽ نجڪاري ڪميشن جي معاملن جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ دفاع ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد ا??رنگزيب، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نجڪاري واري وزارت ۽ نجڪاري ڪميشن پاران جڪاري پروگرام 2024ع کان 2029ع تائين جو روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس جي شروع ۾ ئي شرڪت ڪندڙن تي واضح ڪيو ته اسٽريٽجڪ سرڪاري ملڪيتي ا??ار?? کانسواءِ ٻين سمورن سرڪاري ملڪيتي ا??ار?? جي نجڪاري ڪئي ويندي. هن چيو ته سواءِ اسٽريٽجڪ سرڪاري ملڪيتي ا??ار?? جي ٻيا سمورا سرڪاري ملڪيتي ادارا ڀلي اهي نفعو ڏيندڙ آهن يا خساري ۾ هجن انهن کي وڪرو ڪيو ويندو. ان حوالي سان وزيراعظم سمورين وفاقي وزارتن کي ان حوالي سان ضروري ڪارروائي ۽ نجڪاري ڪميشن سان تعاون جي هدايت ڪئي. هن چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه آهي پر ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول يقيني بڻائڻ ۽ ان حوالي سان سهولتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ هوندو آهي. هن چيو ته حڪومتي ملڪيتي ا??ار?? جي نجڪاري سان ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي جي بچت ٿيندي ۽ انهي ئي پئسي سان سروسز جي فراهمي جو معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم سخت هدايت ڪئي ته ??جڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي اولين ترجيح ڏني وڃي. هن وزيراعظم جي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز ڪمپني لميٽيڊ جي نجڪاري جي حوالي سان بڊنگ سميت ٻين اهم مرحلن کي ٽيليويزن تي سڌوسنئون نشر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڌيڪ اهو ته ??زيراعظم چيو ته ??ين ا??ار?? جي نجڪاري جي عمل جي مرحلن کي پڻ سڌوسنئون نشر ڪيو ويندو. اجلاس کي سرڪاري ملڪيتي ا??ار?? جي نجڪاري جي حوالي سان اڳڀرائي تي تفصيلي بريف??گ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??ي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان پري – ڪواليفڪيشن جو عمل مئي جي پڄاڻي تائين مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته روز ويلٽ هوٽل جي نجڪاري جي حوالي سان ضروري مشاورت جو عمل جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??رسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي گڏيل عرب امارات سان گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ ٽرانزيڪشن ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي نجڪاري پروگرام 2024 – 2029ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته خساري وارن سرڪاري ملڪيتي ا??ار?? کي ترجيحي بنيادن تي پرائيويٽائيز ڪيو ويندو. نجڪاري جي عمل کي تيز ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ نجڪاري ڪميشن ۾ ماهرن جو پري ڪواليفائيڊ پينل مقرر ڪيو پيو وڃي.