اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جرمني سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪس??ان ۾ ج??من سيڙپڪاري ۾ اضافي جا وسيع ام??ان موجود آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ متبادل توانائي، صن??ت، معدنيات، آءِ ٽي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن جرمني جي اين جي او گلوبل بريجز، برلن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ گلوبل بريجز جو چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽرز هينس ايلبرت، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نڪولس البرچٽ ۽ جرمني سان تعلق رکندڙ ڪاروباري ماڻهو ۽ سيڙپڪار شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪس??ان ۾ جرمني جو سفير الفريڊ گرينيس، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. وفد پاڪس??ان جي ڪاربن ڪريڊٽ مارڪيٽ ۽ موسمياتي تبديلي ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان جرمني سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪس??ان جرمني کي يورپ ۾ پنهنجو هڪ اهم حصيدار تصور ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موجوده سطح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۾ ج??من سيڙپڪاري ۾ اضافي جا وسيع ام??ان موجود آهن، پاڪس??ان ۽ جرمني جي وچ ۾ صن??ت، متبادل توانائي، معدنيات، آءِ ٽي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪس??ان مان ڪاربن اخراج جي شرح انتهائي گهٽ هجڻ جي باوجود اسان ماحولياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهيون، متبادل توانائي، موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ غذائي تحفظ جي حوالي سان جرمني جي تجربي مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا، پاڪس??ان جي افرادي قوت کي معياري تربيت فراهم ڪري انهن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهي ٻاهرئين ملڪ به پنهنجو هنر ڏيکاري سگهن. وزيراعظم ملاقات ۾ وفد سان ج??من زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن تي وفد جا شرڪت ڪندڙ دنگ رهجي ويا ۽ وزيراعظم جي ج??من زبان تي عبور تي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا. ج??من وفد جي سربراهه وزيراعظم جي ج??من زبان ۾ ڳالهه ٻولهه تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.