راولپنڊي-23 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سرڪاري دؤري تي ??رم??ي پهچي ويو. ??رم??ي جي اعليٰ فوجي ۽ سول قيادت سان ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر مطابق ??رم??ي جي بچاءَ واري وزارت ۾ چيف آف ڊفينس جنرل ڪارشن بريور آرمي چيف جو استقبال ڪيو. ??رم?? هٿياربند فوج جي دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. آرمي چيف ??رم??ي آرمي جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل الفونس ماس سان به ملاقات ڪئي ۽ ??رم?? آرمي چيف سان فوج جي دستن کي ڏني ويندڙ تربيت جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. هن شهري جنگ تي هڪ مظاهرو به ڏٺو ۽ مختلف تربيتي سهولتن جو دؤرو ڪيو. آرمي چيف وفاقي چانسلر جي ??رڏ??هي پاليسي ۽ سلامتي جي مشير جينز پلوٽنر، ??رڏ??هي معاملن بابت مملڪتي وزير ٽوبياس لنڊر ۽ نيل هلمر، بچاءَ واري وزارت ۾ رياستي سيڪريٽري نيل هلمر سميت ٻين سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪيون. ??رم?? قيادت دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ ??اء?? پاڪ فوج جي ڪردار جي تعريف ڪئي. آرمي چيف، ??رم??ي آرمڊ فورسز ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج هيمبرگ جو به دؤرو ڪندو جتي هو مختلف ملڪن مان ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن کي خطاب ڪندو ته جيئن پاڪستان جي علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي روشني ۽ گڏيل قو??ن جي مشنز ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار تي روشني وِجهن.