اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ مچ سانحي ج?? شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير علي حيدر زيدي ۽ وزيراعظم جو سمنڊ پار پاڪستانين وارو خاص معاون س??د ذوالفقار عباس بخاري پڻ موجود هو. مچ سانحي ج?? شهيدن جي پونئيرن وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو ۽ پنهنجي شهيد ٿيندڙ گهرڀاتين بابت کيس ٻڌا??و. ??زيراعظم عمران خان انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو هزاره برادري ج?? مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ انهن سان ڪيل واعدا پورا ڪندو.