اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وز??راعظم عمران خان نئين جمهوري روايتن جو بنياد رکي ڇڏيو آهي، عمران خان بنا ڪنهن دٻاءُ جي ذاتي طور تي فيصلو ڪيو آهي ته هو 6 مارچ تي ايوان مان ٻيهر اع??ما?? جو ووٽ وٺندو، مخالف ڌر ته ان ڳالهه تي به پريشان آهي ته وز??راعظم ڇو اع??ما?? جو ووٽ وٺي رهيو آهي، هاڻي اهو طئي ٿي چڪو آهي ته جمهوري قدر ئي هلندا، ڌمڪي، ڌانڌلي ۽ ل??ٽ مار جي سياست سان ملڪ نٿو هلي سگهي. هو نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو ته وز??راعظم عمران خان اتحادي پارٽين سان مشاورت کانپوءِ صادق سنجراڻي کي سينيٽ چي??رم??ن لاءِ اميدوار نامزد ڪيو آهي، ان جو بنيادي سبب بلوچس??ان صوبي سان تعلق هجڻ آهي ته جئين بلوچس??ان کي نمائندگي ملي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي گذريل ٽن سالن جي ڪارڪردگي ڏسندي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 6 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عمران خان ٻيهر اع??ما?? جو ووٽ وٺندو، ايوان ۾ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جا سمورا ميمبر موجود هوندا.