اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? جي گهرواريءَ ثمينه عارف علوي چيو آهي ته معاشر?? جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي سماجي تحفظ جي فراهمي ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان جا ٻ??ر اسان جو مستقبل آهن ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ کين تعليم ?? هنر جي فراهمي ضرور?? آهي، پاڪستان بيت المال ٻارن کان مشقت جي خاتمي لاءِ موثر قدم کڻي رهيو آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان بيت المال جي هيڊڪوارٽرز ۾ جبري پورهيئي کان متاثر ٻارن جي بحالي لاءِ پاڪستان بيت المال پاران قائم ڪيل اسڪولن جي ٻارن ۾ اسڪول بيگز ۽ ٻيا تحفا ورهائڻ جي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪئي. اهي تحفا پاڪستان ۾ مقرر غير ملڪي سفارتخانن جي هيڊ آف مشنز جي گهروارين جي گروپ ڏنا آهن. صدر جي گهرواريءَ تقريب جي انعقاد ۽ تحفن تي سفارتي ڪميونٽي جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته انساني ڀلائي ۽ ترق?? جي ڪا به سرحد ناهي هوندي. هن چيو ته نوجوان نسل جو ڪنهن به معاشر?? جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار هوندو آهي، اسان جا ٻ??ر اسان جو مستقبل آهن ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ کين تعليم ?? هنر جي فراهمي ضرور?? آهي، تعليم هر ٻار جو حق آهي ۽ ان کي حق آهي ته هو پنهنجو ننڍپڻ ڀرپور انداز ۾ گذاري.