فيصل آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??ڪومت عوام کي معياري ۽ سستي ضرورت جي شين جي فراهمي جي لاءِ هڪ سال ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي 24 ارب رپين جي سبسڊي ڏني آهي جڏهن ته 1 ڪروڙ 24 لک مستحق خاندانن کي سستي ضرورت جي شين جي فراهمي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي عمل جي شروعات ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ڪامياب جوان پروگرام کانپوءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت 5 لک رپين جي بنا وياج جي قرضن جي فراهمي جا معيشت تي مثبت اثر پوندا. عثمان گارڊن احمد آباد فيصل آباد ۾ يوٽيلٽي اسٽور جي افتتاح جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ۾ هن چيو ته ??سان جو علائقو ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ پٺتي پيل آهي ۽ هتي محدود وسيلن وارا ماڻهو رهن ٿا تنهن ڪري اسان جي ڪوشش آهي ته هتان جي ماڻهن کي سمورو ممڪن ريليف ڏئي سگهجي. هن چيو ته هتي نئين يوٽيلٽي اسٽور جو قيام انهي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته ??ن کان اڳ بئنڪون وڏين وڏين پارٽين، ملز، فيڪٽرين ۽ صنعتڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي ئي قرض ڏينديون هيون پر وزيراعظم عمران خان ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بئنڪن کي راضي ڪيو آهي ته ??هي عام ماڻهن ۽ بي وسيلن وارن نوجوانن کي پڻ قرض فراهم ڪن. هن چيو ته ??ڪومت کي عوام جي مسئلن جي چڱي ر??ت خبر آهي انهي لاءِ سمورن شهرين کي هيلٿ ڪارڊز جي فراهمي جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ۽ انشاءَ الله هلندڙ سال ڊسمبر جي آخر تائين پنجاب جي هر خاندان کي صحت سهولت ڪارڊ فراهم ڪيو ويندو جنهن سان اهي ساليانو 10 لک رپين تائين پنهنجو ۽ پنهنجي گهرڀاين جو پسند جي ڊاڪٽر ??ان پسند جي اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهندا. فرخ حبيب چيو ته ??هو ئي مديني جي ر??است جو تصور آهي جنهن جي ڳالهه وزيراعظم عمران خان ڪندو آهي. هن چيو ته ماضي جي حڪومتن ذاتي مفاد جي لاءِ ڪميشن جي چڪرن ۾ بجلي جا مهانگا ڪارخانا لڳرايا پر ٽرانسميشن سسٽم ۾ بهتري جي لاءِ ڪو ڪم نه ڪيو اهڙي طرح هاڻي اسان بجلي استعمال ڪريون يا نه ڪريون اسان کي هر سال 1500 ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن پر ان جي ابتڙ وزيراعظم عمران خان عوام جو احساس ڪندي سستي بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ شمسي توانائي ۽ هائيڊل بجلي جا منصوبا شروع ڪيا جڏهن ته ??ن سلسلي ۾ 10 ڊيم ٺاهيا پيا وڃن جن جي مڪمل ٿيڻ سان جتي 10 هزار ميگاواٽ سستي بجلي پيدا ٿيندي اتي هڪ ڪروڙ 30 لک ايڪڙ زمين کي سيراب ڪرڻ جي لاءِ پاڻي پڻ ذخيرو ڪري سگهبو. اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته ڪامياب جوان پروگرام موجوده حڪومت جو اهم ڪارنامو آهي ڇو ته ??سان جي ملڪ ۾ تمام وڏي انگ ۾ اهڙا نوجوان موجود آهن جن وٽ هنر، صلاحيت ۽ بهترين ڪاروباري آئيڊياز ته هئا پر سرمايو نه هو تنهن ڪري حڪومت انهن کي قرضن جي فراهمي جو سلسلو شروع ڪيو ته ??يئن اهي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري نوڪرين جي لاءِ ڌڪا کائڻ بدران پاڻ ٻين کي نوڪريون فراهم ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن. هن چيو ته ??ريفن رڳو پنهنجا اثاثا ٺاهيا پر ملڪ کي ڪنگال ۽ مقروض ڪري ڇڏيو پر جڏهن انهن کان انهن جي اثاثن ۽ ايتري وڏي دولت اچڻ جو سورس پڇيو وڃي ٿو ته ??هي ڪو جواب ڏيڻ بدران گارين ۽ ڌمڪين تي لهي اچن ٿا ۽ ادارن کي بدنام ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته ??مران خان عوام جي لاءِ سادي زندگي گذاري ر??يو آهي ۽ هن شريفن ۽ زردارين جي ابتڙ ڪروڙين رپين جي سرڪاري خرچ سان ڪئمپ آفيسون ناهن ٺاهيون ۽ هو ڏينهن رات عوام کي ر??ليف ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري ر??يو آهي. هن چيو ته ??مران خان ٻاهرئين دورن ۾ پاڪستان جي وقار ۽ برابري جي ڳالهه ڪئي آهي، هو پرچين کي ڏسي ۽ ڪنڌ جهڪائي ڊڄي ڊڄي ڳالهه ڪرڻ بدران ڪنڌ کڻي ۽ اکيون اکين ۾ وجهي ڳالهه ڪري ٿو. مهانگائي جي حوالي سان هن چيو ته ??المي سطح تي ڊالر جي قيمت ۾ اضافي ۽ ڪورونا جي عالمي وبا جي ڪري پروڊڪشن ۾ گهٽتائي جي ڪري سڄي دنيا ۾ پيٽروليم مصنوعات ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي پر پوءِ به اسان عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته ??سحاق ڊار پيٽرول تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي وٺي ر??يو هو جنهن کي اسان 5 سيڪڙو ڪري ڇڏيو اهڙي طرح پيٽروليم ليوي ۾ به گهٽتائي ڪئي ته ??يئن عوام تي وڌيڪ بار نه پوي. فرخ حبيب چيو ته ??ندس تڪ ۾ 42 يونين ڪائونسلز آهن ۽ انهن سمورين يوسيز ۾ شهرين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ واٽر فلٽريشن پلانٽس هنيا پيا وڃن جنهن سان گڏوگڏ رستن جي تعمير، ڊسپينسريز جي مرمت ۽ توسيع، پارڪس قائم ڪرڻ ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي پڻ يقيني بڻائي پئي وڃي. هن چيو ته 70 سالن جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪومت ڏينهن رات ڪم ڪري ر??ي آهي جڏهن ته ??ن ۾ ڪجهه وقت لڳندو ۽ حڪومت عوام جي سهولت لاءِ جن منصوبن جي شروعات ڪئي آهي انهن جا مستقبل ۾ شاندار نتيجا حاصل ٿيندا ۽ شهري انهن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهندا. ان موقعي تي هن يوٽيلٽي اسٽور جو افتتاح ڪيو ۽ اتي دستياب شين جو ج??ئز?? ورتو. افتتاحي تقريب جي موقعي تي علائقي جي ر??واسين ۽ معززين جو وڏو انگ پڻ موجود هو.