اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هاڻي عالمي ميڊيا به ڀارت جي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ۽ فيڪ نيوز کي بي ن??اب ڪري رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فرانس 24 ٽي وي چينل پاڪستاني فضا??يه جي افغانستان ۾ پنجشير تي حملي بابت ڀارتي ميڊيا جي جعلي خبرن کي بي ن??اب ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فرانس 24 ٽي وي جي وڊيو رپورٽ پڻ شيئر ڪئي. وڊيو ۾ واضح طور تي ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت جي هستي ٽي وي چينل طالبان جي پنجشير تي قبضي جي دعويٰ کانپوءِ پاڪستان ايئر فورس جي پنجشير تي حملن بابت جعلي رپورٽ جاري ڪئي. ڀارت جي ٽائيمز نائو ٽو ڀارت ۽ ??ي ه??دس??ان ٽي وي چينلز پڻ انهي وڊيو جو سهارو وٺي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي.