اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري م??سن پا??ست??ن ۽ ناليواري ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم جي ??اء?? ناقابل تلافي نقصان آهي، جنهن کي ڪڏهن به پورو نه ٿو ڪري سگهجي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پا??ست??ن جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائيندڙ قومي هيرو جي لاڏاڻي تي پوري قوم سوڳوار آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي قوم سدائين قومي هيرو طور ياد رکندي. ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي پنهنجي تعزيتي پيغامن ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ق??م ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ملڪ جي ??اء?? خدمتن ۽ احسانن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هنن چيو ته پا??ست??ن کي دنيا جو ستون ۽ اسلامي دنيا جو پهريون ائٽمي ملڪ بڻائڻ ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، قوم م??سن پا??ست??ن ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي احسانن جي سدائين مقروض رهندي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم ۽ سندس گهرڀات??ن جي ??اء?? ناقابل تلافي نقصان آهي. هنن چيو ته ڏک جي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر الله تعاليٰ کان مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پوري قوم سميت سوڳوار خاندان کي ان عظيم صدمي کي برداشت ڪرڻ جي ??اء?? صبر جميل عطا فرمائڻ جي پڻ دعا ڪئي.